49

پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي: آصف علي زرداري

 صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. صدر عالمي يوم ماحوليات جي موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي ۾ ٻوڏ، خشڪ حالي ۽ گرمي جي شدت سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا، فضا ۾ ڪاربن جي عالمي اخراج ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود ماحولياتي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون اقتصادي منصوبي اڙان پاڪستان سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته پلاسٽ جو گهٽ استعمال، ٻيلن کي هٿي ڏيڻ، ري سائيڪلنگ ۽ ماحولياتي تحفظ جي پاليسين کي اپنائڻو پوندو. هن پيغام ڏيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ قدرتي وسيلن جي ذميوارانه استعمال لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو