56

پريالوء: بااثر ماڻهن پاران ايريگيشن عملدارن جي ملي ڀڳت سان بچاء بند مان غيرقانوني مٽي کڻڻ جاري، علائقي واسين ۾ ڳڻتي

پريالوء ڀرسان ٻه بندي اوڍا موڙ وٽ بااثر ماڻهن پاران ايريگيشن عملدارن جي ملي ڀڳت سان بچاء بند مان غيرقانوني طور مٽي کڻڻ جو عمل بي ڌڙڪ جاري آهي، جنهن سبب بند جو وڏو حصو سخت متاثر ٿي ويو آهي. علائقي واسي ٻڌايو ته بااثر ماڻهون ٽرالن ذريعي بند مان مٽي کڻي رهيا آهن، جڏهن ته ايريگيشن عملدار خاموش تماشائي بڻيل آهن. سندن چوڻ آهي ته بند مان مٽي کڻڻ سبب بند جي مضبوطي سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري امڪاني طور ايندڙ برساتن يا ٻوڏ جي صورت ۾ بند جي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. مقامي آبادي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بند ڪمزور ٿي پيو ته شير بند ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو. سندن خدشو آهي ته پاڻي روڪڻ لاءِ جوڙيل هي اهم بند، جيڪڏهن ٽٽي پيو ته انساني جانيون، فصل ۽ مال متاع سڀ ڪجهه ٻڏي سگهي ٿو. علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، ملوث بااثر ماڻهن ۽ لاپرواهي ڪندڙ ايريگيشن عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ساڳئي وقت، بچاء بندن کي ٻيهر مضبوطي سان جوڙڻ لاءِ ترت قدم کنيا وڃن ته جيئن امڪاني آفتن کان بچي سگهجي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو