59

ڀارت سان شمله معاهدو ختم، ايل او سي تي 1948 واري پوزيشن تي اچي ويا آهيون: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان طرفان شمله معاهدو ختم ٿي چڪو آهي، اسان ايل او سي تي 1948ع واري پوزيشن تي اچي ويا آهيون. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته شمله معاهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪنٽرول لائن هاڻ سيز فائر لائن آهي، اسان واپس 1948ع واري پوزيشن تي اچي ويا آهيون. هن چيو آهي ته شمله معاهدو ٻن ملڪن جي وچ ۾ آهي، انهي ۾ ورلڊ بينڪ يا ڪابه ٽئين ڌر نه آهي، شمله معاهدو نه ٿيڻ سان ڪنٽرول لائن سيز فائر لائن ٿي ويندي، سيز فائر لائن انهي جو اصل اسٽيٽس هو جيڪو بحال ٿي ويندو. وفاقي وزير چيو ته 1948ع کان پوءِ راءِ شماري بابت جيڪو ٿيو انهي کان پوءِ اها سيز فائر لائن آهي، ڀارت جي قدمن سبب شمله معاهدي جي حيثيت هاڻ ختم ٿي وئي، شمله معاهدي جون سموريون شقون ختم، جنگ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو انهي جي وقعت ڪجهه نه رهي، اسان 1948 جي پوزيشن تي واپس وڃي رهيا آهيون، جڏهن اهو سيز فائر لائن جو معاملو هو، ڇڪتاڻ تي اسان واضح ڪيو هو ته جيڪڏهن ساڳيو ڪم رهيو ته معاهدن جي ڪابه قدروقيمت نه رهندي. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪابه ڌر هڪ طرفي طور تي انهي کان نٿي نڪري سگهي، سنڌ طاس معاهدي بابت سمورا قدم گڏيل ٿي سگهن ٿا، ڀارت ڪڏهن 6 هزار ته ڪڏهن 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏي ڏيندو آهي، ڀارت پنهنجي مرضي سان پاڻي جي وهڪرن ۾  رڪاوٽ نٿو بڻجي سگهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو