39

گرينڊ الائنس ۾ شموليت جي ڳالهين سان مولانا جي مشهوري وڌي رهي هئي: شبلي فراز

سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن جي گرينڊ الائنس ۾ شموليت اختيار نه ڪرڻ تي مولانا جي مشهوري ۾ گهٽتائي آئي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي شبلي فراز چيو ته مولانا جي گرينڊ الائنس ۾ شموليت جون ڳالهيون هلي رهيون هيون ته سندس مشهوري  وڌي وئي هئي، گرينڊ الائنس ۾ شموليت اختيار نه ڪرڻ تي مولانا جي مشهوري  ۾ گهٽتائي آئي. شبلي فراز چيو ته مولانا جيڪڏهن فيصلو ڪيو آهي ته مزاحمت جي سياست نه ڪندو ته اهو انهي جو پنهنجو سياسي فيصلو آهي، مولانا جيڪڏهن پاڻ کي محدود رکڻ چاهي ٿو ته سندس مرضي آهي. سينيٽر شبلي فراز وڌيڪ چيو ته اسان اهو ناهي چيو ته مولانا پي ٽي آءِ لاءِ ڪم ڪري، اسان ته آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ مولانا سان تعاون ڪرڻ جو چيو هو. اسان کي پنهنجا قانوني حق نه پيا ملن، اسان جون اپيلون نه پيون مڃيون وڃن. ملڪ انصاف تي هلندو آهي جيڪڏهن ملڪ ۾ انصاف ئي نه هجي ته ملڪ نٿو هلي سگهي، ملڪ ۾ هن وقت ڪجهه به صحيح طريقي سان نه ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي لازمي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو