وزيراعظم شهباز شريف ڀارت جي آبي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. ڪميٽي ڀارتي آبي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ 72 ڪلاڪن اندر پاڻي جي منصوبن لاءِ سفارشون پيش ڪندي. ڪميٽي نون ڊيمن جي تعمير لاءِ فنڊنگ بابت حڪمت عملي جو به جائزو وٺندي. ان کان علاوه چئني صوبن جا وڏا وزير ڪميٽي جا ميمبر هوندا. گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به ڪميٽي ۾ شامل آهن.
