حيدرآباد ۾ آٽو شو پارٽس جي گودام ۾ باھ لڳي وئي ، حيدر چوڪ ويجھو رساله روڊ تي واقع گودام ۾ باھ لڳڻ سان علائقي ۾ خوف و حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي ، اطلاع تي رسيڪيو ٽيمون واقع واري جڳھ تي پھچي ويون آھن. ريسڪيو موجب باھ کي وسائڻ جي ڪوششون جاري آھن،باھ بجلي جي سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سان لڳي آھي ، ٽي فائر بريگيڊ جون گاڏيونن باھ وسائڻ ۾ مصروف آھن، جڏھن ته واقعي واري جڳھ تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي بابر صالح ۽ ٻيا آفيسر پڻ پھچي چڪا آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته گودام ۾ پلاسٽڪ جو سامان موجود ھو جنھنڪري باھ ٿوري دير ۾ ڀڙڪي پئي، باھ کي وسائڻ ۾ ريسڪيو ٽيمون مصروف آھن، باھ لڳڻ سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آھي، باھ گودام سان گڏ ٻن ٻين دڪانن کي به وڪوڙي وئي آھي، گودام جي مالڪ جو نالو علي آھي، جڏھن ته باھ وسائڻ وارو عمل ٻه ڪلاڪ جاري رھيو، ٻن ڪلاڪن کان پوء ريسڪيو ٽيمون باھ وسائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آھن.
