11

مريم نواز جي پوليس عورتن تي ظلم ڪري رهي آهي: عليمه خان

 پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته اسان سخت گرمي ۾ عمران خان سان ملڻ لاءِ ايندا آهيون پر اسان کي ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، مريم نواز جي پوليس عورتن تي ظلم ڪري رهي آهي. اڊياله جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان سخت گرمي ۽ گرم  هوا ۾ پنڌ هلي ايندا آهيون، مريم نواز کي ٻڌائي ڇڏيو جنهن جي اها پوليس جيڪا اسان کي روڪي رهي آهي. عليمه خان پوليس آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان مريم نواز جي پوليس آهيون جنهن جي ڪري اوهان عورتن تي ظلم ڪري رهيا آهيو، هي اهائي مريم نواز آهي جنهن نيب ۾ پيشي تي پوليس تي پٿراءُ ڪرايو، مريم نواز جو خيال هوندو ائين ڪرڻ سان اسان ڊڄي وينداسين، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني اهڙي گرمي ۾ ناجائز جيل ڪٽي سگهي ٿو ته اسان به گرمي ۾ ويهي سگهون ٿا هي نه اسان کي ڊِيڄاري سگهن ٿا نه ٿڪائي سگهن ٿا الله اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته هي ڊنل آهن انهي لاءِ 3-3 ناڪا لڳايا ويا آهن، عورتن لاءِ 3-3 ناڪا لڳايا آهن. اسان ته وڏي فخر سان چوندا آهيون ته اسان جي لاءِ ايتري پوليس آئي آهي، جيڪڏهن هي بزرگ عورتن کان ڊڄن ٿا ته انهي ڳالهه مان اندازو لڳائي ڇڏيو ته هي ڪيترا ڊنل آهن. عليمه خان چيو ته هي هڪ يا ٻه ڏينهن هتي حالتون صحيح ڪندا آهن پوءِ روڪي ڇڏيندا آهن هي جيترو اسان جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪندا اسان جو حوصلو وڌندو ۽ اسان پوءِ به اينداسين، هن عمر ۾ ايتري گرمي ۾ هلڻ سان اسان کي ڪوبه فرق نٿو پوي، اسان جو آئيني حق آهي احتجاج ڪريون، ظلم جي خلاف احتجاج نه ڪريون ته پوءِ ڇا ڪريون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو