18

وفاقي ڪابينه نئين مالي سال جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه نئين مالي سال جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ايندڙ مالي سال 2025-26 جي لاءِ تقريبن 17 هزار 600 ارب روپين کان وڌيڪ جو وفاقي بجيٽ اڄ شام اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. نئين مالي سال جي بجيٽ تجويزن جي منظوري لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ڪابينه کي بجيٽ تي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير جي پارليامينٽ هائوس پهچڻ جي موقعي تي کانئس سوال ڪيو ويو ته مالي نظم وضبط بجيٽ کان پوءِ به برقرار رهندو؟ انهي تي محمد اورنگزيب جواب ڏنو ته انشاءَالله. رپورٽ موجب ذريعن چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 6 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو