وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده بجيٽ ۾ اسان جو معاشي ترقي تي ڌيان آهي. پگهاردار طبقي معاشي استحڪام آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙي موڙ تي بٺل آهي جتي ملڪ کي ٽيڪ آف ڪرڻو آهي. معاشي اشارن سبب اطمينان آهي، پوءِ چاهي افراط زر هجي، ايڪسپورٽ هجي يا ريمي ٽينسز هجي انهي ۾ بهتري آئي آهي، آءِ ٽي ايڪسپورٽس به وڌي وئي آهي. هن چيو ته موجوده بجيٽ ۾ اسان معاشي ترقي تي ڌيان رکيو آهي. پگهاردار طبقي معاشي استحڪام آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري غزه جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. غزه ۾ اسرائيل جو بدترين ظلم جاري آهي اهڙي طرح ڪشمير ۾ به ڀارتي ظلم جاري آهي، اميد آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير کي ظلم کان ڇوٽڪارو ملندو.
