42

اسرائيل غزه لاءِ امداد کڻي ويندڙ گريٽا ٿنبرگ کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي

 اسرائيلي اختيارين غزه جي متاثرن لاءِ امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ جڳ مشهور ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ کي ملڪ مان ڊپورت ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج گريٽا ٿنبرگ سميت 12 رضاڪارن کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ تل ابيب ايئرپورٽ آندو هيو. رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گريٽا ٿنبرگ ۽ ٻين 3 ڪارڪنن پاڻمرادو اسرائيل ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته باقي 8 ڪارڪنن ملڪ بدري خلاف قانوني رستو اختيار جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته گريٽا ٿنبرگ فرانس رستي سوئيڊن واپس رواني ٿي وئي آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ غزه جي لاءِ امداد کڻي ويندڙ ٻيڙي ”ميڊلين“ کي بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ اسرائيلي فورسز روڪي ورتو هو، جنهن ۾ سوار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ”ميڊلين“ ٻيڙيءَ ۾ 12 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ فرانس، جرمني، برازيل، ترڪي، اسپين ۽ نيڌرلينڊ جا ڪارڪن شامل هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو