نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ بجلي صارفين تي اضافي سرچارج لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿي سگهي ٿي. حڪومت گذريل ڏينهن نئين ايندڙ مالي سال 2025-26 جو بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو جنهن ۾ حڪومت طرفان بجلي جي صارفين تي اضافي مالي بار وجهڻ جون تياريون جاري آهن. ذريعن موجب بجلي جي بلن تي لڳايل سرچارج جي موجوده 10 سيڪڙو حد ختم ڪرڻ ۽ نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم جي ذريعي حڪومت جي بلن ۾ اضافو ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جو فيصلو غور هيٺ آهي، انهي ترميم جي تحت حڪومت مخصوص مدي ۽ ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي سرچارج ۾ اضافو ڪري سگهندي. انهي حوالي سان ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بجلي صارفين کان في يونٽ 3 روپيه 23 پئسن تائين سرچارج وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي پر في الحال سرچارج ۾ اضافي جو ڪوبه حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي. انهي ترميم کان پوءِ حڪومت بجيٽ يا ٻين مالي حالتن موجب بجلي جي بلن ۾ اضافي سرچارج لڳائي سگهندي جنهن سان عام صارفين تي مهانگائي جو نئون دٻاءُ پوڻ جو امڪان آهي. ماضي ۾ بجلي جي بلن تي لڳايل سرچارج جي ذريعي حڪومت گردشي قرض جي وياج جي ادائيگي ڪندي رهي آهي هاڻ هڪ دفعو ٻيهر گردشي قرض جي بار کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 1275 ارب روپين جو قرض وٺڻ جي منصوبه بندي ڪئي آهي، جيڪو ڪمرشل بينڪن کان حاصل ڪيو ويندو ۽ اهو قرض ايندڙ 6 سالن جي دوران صارفين کان وصول ڪيو ويندڙ سرچارج جي ذريعي واپس ڪيو ويندو. توانائي شعبي جي ماهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم ٿي وئي ته بجلي جي قيمتن ۾ مستقل اضافي جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي جنهن جو سڌو سنئون اثر مهانگائي ۽ گهريلو صارفين جي پريشانين ۾ اضافي جي صورت ۾ سامهون ايندو.
