54

فيصل قريشي پاڪستاني ڊرامن جي ڪهاڻين ۾ ”ورجاءُ“ بابت سوال تي ڪاوڙ جو اظهار

 پاڪستان جي سينئر اداڪار فيصل قريشي ٽي وي شو دوران پاڪستاني ڊرامن جي ڪهاڻين کي هڪ جهڙو قرار ڏيڻ واري سوال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ويجهڙ ۾ فيصل قريشي، اداڪارا سونيا حسين ۽ ثمينه پيرزادو سان گڏ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي فلم ”ديمڪ“ سميت مختلف موضوعن تي ڳالهايو. شو دوران هڪ مداح سوال ڪيو ته پاڪستاني ڊرامن جون ڪهاڻيون اڪثر هڪ جهڙيون هونديون آهن، ته ڇا ”ديمڪ“ ۾ ڪجهه نئون ۽ مختلف ڏسڻ لاءِ ملندو؟ سوال ٻڌي فيصل قريشي سڌي ريت جواب ڏيڻ بدران عورت مداح کان سوال ڪيو: ”توهان پهريان مون کي اهو ٻڌايو ته پاڪستان جو ڪهڙو اهڙو ڊرامو آهي، جنهن جي ڪهاڻي هڪ جهڙي آهي؟“ جنهن تي عورت جواب ڏنو ته لڳ ڀڳ سڀئي پاڪستاني ڊرامن جون ڪهاڻيون هڪ جهڙيون ئي ٿينديون آهن، مون کي نالا ياد نه آهن پر اڪثر ڊراما سس نُنهن جي ڪهاڻي تي ٻڌل هوندا آهن. مداح جي اهڙي جواب تي فيصل قريشي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گذريل ٽن سالن کان سس نُنهن جي ڪهاڻي تي ٻڌل ڊراما نه پيا ٺهن. هن وضاحت ڪندي چيو ته ويجهڙائي ۾ پيش ٿيندڙ ڊراما ”خئي“، ”عشق مرشد“، ”دنياپور“، ”ڪابلي پلاءُ“ ۽ ”فراريه“ سڀ هڪٻئي کان مختلف ڪهاڻين تي ٻڌل آهن، اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ ٺهندڙ فلمن جون ڪهاڻيون به منفرد هونديون آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو