ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ڪرڻ جي حوالي سان قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن طرفان گوڙ، هنگامو ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 5 وڳي طلب ڪيو ويو هو پر اهو تقريبن اڌ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف به ايوان ۾ پهچي چڪو آهي. ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير شروع ٿيندي ئي اپوزيشن طرفان به احتجاج شروع ڪيو ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب بجيٽ ڪاپي سان ڊيسڪ وڄائيندو رهيو ۽ هڪ هٿ ۾ هن دمبي جي تصوير به کڻي رهي هئي. انهي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي اسيمبلي هال ۾ ايندي ئي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ ليلي، ليلي جا نعرا لڳايا. انهي دوران حڪومتي ميمبرن وزيراعظم جي سيٽ جي ڀرسان پهچي ويا ۽ انهن کيس مبارڪباد ڏني.
