وفاقي حڪومت نئين مالي سال 26-2025 جي بجيٽ ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي لاءِ رليف جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جنهن جي تحت ڪمرشل جڳهين، پلاٽ ۽ گهرن جي ٽرانسفر تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڪريڊٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. نئين بجيٽ ۾ ساليانو 20 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ روپيه آمدني تي سپر ٽيڪس ۾ 0.5 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ جڳهين جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ود هولڊنگ ٽيڪس 4 سيڪڙو کان گهٽ ڪري اڍائي سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙي طرح ٻئي سليب ۾ 3.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو، ٽئين سليب ۾ 3 سيڪڙو کان گهٽ ڪري ود هولڊنگ ٽيڪس 1.5 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نئين بجيٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ڪمرشل جڳهين، پلاٽن ۽ گهرن جي ٽرانسفر فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم، گذريل بجيٽ ۾ 7 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي وئي هئي. حڪومت بجيٽ ۾ 10 مرله تائين جي گهرن ۽ 2 هزار مربع فٽ جي فليٽس تي ٽيڪس ڪريڊٽ جو اعلان ڪيو آهي، مورگيج فنانسنگ کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نئين بجيٽ ۾ اسلام آباد ۾ جڳهين جي خريداري تي اسٽاپ پيپر ڊيوٽي 4 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
