50

ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل سڀاڻي لارڊز ۾ شروع ٿيندو

آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي) جي فائنل لاءِ ڏکڻ آفريڪا کانپوءِ آسٽريليا به پنهنجي پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڊبليو ٽي سي جو فائنل 11 جون کان لندن جي تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندو، جتي آسٽريليا پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهريون ڀيرو ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو تاج ماڻڻ کٽڻ لاءِ ميدان ۾ لهندي. ڊبليو ٽي سي فائنل لاءِ آسٽريلوي پليئنگ اليون ۾ پيٽ ڪمنز ڪپتان هوندو، ٻين رانديگرن ۾ عثمان خواجه، مارنس لبيوشين، ڪئمرون گرين، اسٽيو سمٿ، ٽرويس هيڊ ۽ اليڪس ڪيري شامل آهن. ان کانسواءِ بيئو ويبسٽر، مچل اسٽارڪ، نيٿن ليون ۽ جوش هيزل ووڊ به مها مقابلي لاءِ پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو