خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر ڊاڪٽر سيف وفاقي بجيٽ 26-2025 کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي انهي کي غريب عوام جي لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. خيبرپختونخواهه حڪومت جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته مهانگائي جي موجوده شرح جي مقابلي ۾ پگهارن ۾ ڪيل اضافو اُٺ جي وات ۾ زيري جي برابر آهي جيڪو عوام سان هڪ مذاق آهي بجيٽ ۾ پيٽرول ۽ بجلي تي ٽيڪسز ۾ اضافي سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو جنهن سان اڳ ئي پريشان عوام جي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو هر شيءَ کي مهانگو ڪري ڇڏيندو آهي جڏهن ته توانائي جي متبادل ذريعي جيئن سولر پينلز تي به ٽيڪس لڳائي حڪومت غريب عوام کان انهي جو آخري سهارو به ڦري ورتو آهي. بيرسٽر سيف وڌيڪ چيو ته مهانگي ترين بجلي، ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ هاڻ سولر پينلز تي ٽيڪس کان پوءِ عوام جي لاءِ جيئڻ جو ڪوبه رستو باقي ناهي رهيو، جعلي وفاقي حڪومت پگهاردار طبقي کي فارم 47 جيان جعلي رليف ڏنو آهي. هن وفاقي بجيٽ کي شريف خاندان جي بزنس ونگ جو بجيٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته بهتر هجي ها ته اها بجيٽ جاتي امرا يا لنڊن جي مي فيئر اپارٽمنٽس ۾ پيش ڪيو وڃي ها.
