46

وفاقي بجيٽ ۾ وزيراعظم جي سرڪاري رهائش ۽ خرچ 72 ڪروڙ مان وڌائي 86 ڪروڙ روپيه ڪيا ويا

 وفاقي بجيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي سرڪاري رهائش ۽ خرچ 72 ڪروڙ روپين مان وڌائي 82 ڪروڙ روپيه ڪيا ويا آهن. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ ۾ تقريبن اڌ آبادي غربت کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ۽ عام ماڻهو  کان وڌيڪ قرباني گهري تقريبن 2 هزار ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳايا پيا وڃن. وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ گهٽتائي جي بجاءِ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ اها رقم تقريبن 86 ڪروڙ روپيه ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ 26-2025 موجب وزيراعظم هائوس جي گاڏين لاءِ 9 ڪروڙ روپين جو بجيٽ وزيراعظم هائوس جي ڊسپينسري لاءِ 1 ڪروڙ 44 لک روپيه ۽ وزيراعظم هائوس جي باغ لاءِ 4 ڪروڙ 49 لک روپيه بجيٽ رکڻ جي تجويز آهي. وزيراعظم جي دورن لاءِ 60 لک روپيه ۽ پي ايم چيرٽي جي لاءِ 52 لک روپيه بجيٽ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي ۽ مملڪتي وزيرن جي لاءِ بجيٽ 27 ڪروڙ روپين مان وڌائي 50 ڪروڙ 54 لک روپيه، وزيراعظم جي صلاحڪارن لاءِ بجيٽ 3 ڪروڙ 61 لک روپين مان وڌائي 6 ڪروڙ 31 لک روپيه رکڻ جي تجويز آهي. ڪابينه ڊويزن جي لاءِ 86 ڪروڙ 87 لک روپين جو بجيٽ به رکيو پيو وڃي. وفاقي بجيٽ ۾ خاص مددگارن جي لاءِ بجيٽ 3 ڪروڙ 70 لک روپين مان وڌائي 11 ڪروڙ 34 لک روپيه ڪيو پيو وڃي. انهي کان علاوه سينٽرل ڪارپول جي لاءِ 62 ڪروڙ روپين جو بجيٽ رکڻ جي تجويز آهي. قومي اسيمبلي جي بجيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 28 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي جيڪا 12 ارب 73 ڪروڙ مان وڌائي 16 ارب 29 ڪروڙ روپيه ڪيو ويو آهي جڏهن ته سينيٽ جو بجيٽ ايندڙ مالي سال 9 ارب ساڍا 5 ڪروڙ روپيه رکيو ويو آهي جيڪو هلندڙ مالي سال 7 ارب 24 ڪروڙ روپيه هو. سوال اهو آهي ته ٽيڪسز جي معاملي تي يورپ جي مثال ڏيندڙ حڪمران اتان جي حڪمرانن جهڙي سادگي ڪڏهن اختيار ڪندا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو