موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ڀارت ڪڏهن پاڻي روڪي ۽ ڪڏهن پاڻي ڇڏي پاڪستان جي دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي. برطانوي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ مصديق ملڪ چيو آهي ته ڀارت وٽ گهڻو وقت ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم موجود نه آهن پر جيڪڏهن ڀارت ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ شروع ڪيا ته انهي کي جنگي قدم تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت ڪڏهن پاڻي ڇڏي ۽ ڪڏهن پاڻي روڪي پاڪستان جي دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي. مصدق ملڪ چيو ته گذريل مهيني فصلن جي پوکائي وقت ضرورت جو پاڻي ڀارت روڪي ورتو هو، ڀارت جو مقصد پاڪستان جي زرعي نظام ۽ غذائي تحفظ کي متاثر ڪرڻ هو.
