ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر سبب 2 ننڍپڻ جا دوست فوت ٿي ويا آهن. پوليس موجب انٽر بورڊ آفيس عبدالله ڪاليج جي ڀرسان واٽر ٽينڪر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنئي، حادثي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻئي دوست فوت ٿي ويا. جن جي سڃاڻپ 20 ورهين جي زبير ۽ 18 ورهين جي ايان جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب حادثي کان پوءِ مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڊرائيور کي به مارڪٽ جو نشانو بنايو ويو، پوليس موقعي تي پهچي ڊرائيور کي ماڻهن کان ڇڏرايو ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت واٽر ٽينڪر جي باهه وسائي ڇڏي. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري واٽر ٽينڪر سميت پاپوش نگر ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. مقتول زبير جي ڀاءُ رضوان صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻئي ننڍپڻ جا دوست هئا جيڪي گهر مان آئسڪريم کائڻ جي لاءِ نڪتا هئا.
