سکر: نوجوانن جي معاملن جي افئيرز حيدرآباد، اسپورٽس ۽ معاملن جي کاتي حڪومت سنڌ جي سهڪار سان “نوجوان راواداري ياترا” سکر ۾ ڪاميابي سان مڪمل ٿي. ان قدم تحت سکر، شهيد بينظير آباد، ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن مان تعلق رکندڙ نوجوانن کي شهر جي تاريخي، ثقافتي، ۽ مذهبي ورثي سان روشناس ڪرايو ويو. ياترا دوران شرڪت ڪندڙ نوجوانن سينٽ سيويئر چرچ، گردوارو، ڪالڪان مندر، ساڌہ ٻيلو، ستين جو آستان، ۽ ڪربلا معلي روهڙي سميت ڪيترن ئي اهم مذهبي ماڳن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سميع الله، صباء احسن، غلام قادر،، وسيم علي شاهه سميت ماهر ٽور گائيڊز ۽ ريوينڊر وارث ايمانوئل، گرو منموهن سنگھ، ۽ پنڊت رميش ڪمار جهڙن معزز مذهبي اڳواڻن پاران ڄاڻ ڀريا سيشنز ۽ سوال جواب جون ويهڪون پڻ منعقد ڪيون ويون. ان تقريب ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز يوتھ افئيرز، رضوان علي ملاح ۽ معيز حسين سومرو خصوصي شرڪت ڪئي. رضوان علي ملاح وزير يوٿ افيئرز سردار محمد بخش مهر جي دور انديش قيادت ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي رهنمائيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته ھي کاتو نوجوانن کي سگھارو بڻائڻ لاءِ اهڙيون تخليقي سرگرميون باقاعدگي سان منعقد ڪندو رهي ٿو. معيز حسين سومرو اسلامي تعليمات جو حوالو ڏيندي امن ۽ هم آهنگيءَ جي اهميت تي زور ڏنو، جيڪو روزمره جي زندگيءَ لاءِ راهنما اصول هجڻ گهرجي. ياترا جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن، ٽور گائيڊز، ۽ مذهبي اڳواڻن کي سرٽيفڪيٽ ۽ ثقافتي تحفا ڏنا ويا. نوجوانن ان پروگرام کي ساراهيندي اهڙين سرگرمين کي جاري رکڻ جي اپيل ڪئي، جيڪي سکڻ، تجربو حاصل ڪرڻ ۽ بين المذاهب ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏين ٿيون. ھتي ھي ڳالھ قابل ذڪر آھي تہ ڊائريڪٽوريٽ آف يوٿ افئيرز نوجوانن جي ترقي، سهپ، سمجهه ۽ سهڪار تي ٻڌل ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي
ڊائريڪٽوريٽ آف يوٿ افئيرز
اسپورٽس اينڊ يوٿ افئيرز ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ
📞 0308-8899983