42

صدر آصف علي زرداري سان آزاد ڪشمير اسيمبلي وفد جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

صدر آصف علي زرداري سان آزاد جمون، ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال، عوامي مسئلن ۽ ترقياتي ضرورتن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد صدر آصف زرداري کي  آزاد ڪشمير ۾ پيش ايندڙ مسئلن، عوامي پريشانين ۽ بنيادي سهوليتن جي کوٽ جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ملاقات جي دوران آزاد، جمون، ڪشمير جي عوام جي فلاح، بهبود، ترقياتي منصوبن ۽ سهولتن جي فراهمي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. صدر آصف علي زرداري انهي موقعي تي آزاد جمون، ڪشمير جي ترقي، خوشحالي ۽ خطي جي عوام جي فلاح کي پنهنجي ترجيحات ۾ شامل قرار ڏيندي انهي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو