25

پنجاب جو ايندڙ مالي سال جو بجيٽ مڪمل طور تي ٽيڪس فري هوندو: عظميٰ بخاري

 صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جو بجيٽ مڪمل طور تي ٽيڪس فري هوندو، پگهاردار طبقي لاءِ رليف ڏنو ويو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي اڳواڻي ۾ صفائي، تعليم ۽ عوامي فلاح جي شعبن ۾ نئين تاريخ لکي آهي، پنجاب صوبي جو مالي سال 26-2025 جو بجيٽ مڪمل طور تي ٽيڪس فري هوندو جيڪو 16 جون تي پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويو آهي جيڪي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي، پنجاب جي وزيراعليٰ مختلف کاتن طرفان ڏنل اضافي ٽيڪس تجويزن کي رد ڪندي عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، مريم نواز جي هوندي پنجاب جي عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نٿي ٿي سگهي. عظميٰ بخاري چيو ته صاف سٿرو پنجاب پروگرام مان نه صرف پنجاب صوبي ۾ صفائي جي حوالي سان انقلابي تبديلي آئي پر ٻين صوبن کي به انهي ماڊل مان سکڻ جو موقعو مليو. ڪجهه صوبن کي انهي پروگرام مان تمام گهڻي تڪليف ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ 15 کان 16 سال نه صرف هڪ سال ئي ڪافي هوندو آهي. صوبائي اطلاعات واري وزير دعويٰ ڪئي ته پنجاب تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ عوام جي زندگي ۾ به آسانيون اچي رهيون آهن اسان جي خواهش آهي ته ٻيا صوبا به ترقي ڪن، گذريل هڪ سال ۾ تعليم کاتي ۾ نمايان بهتري آندي وئي آهي جيڪا انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته موجوده حڪومت عملي قدمن تي يقين رکي ٿي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو