60

ڀارتي مسافر جهاز احمد آباد جي رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه، وڏي انگ ۾ فوتگين جو امڪان

 ايئر انڊيا جي لنڊن ڏانهن ويندڙ اڏام اي ون 171 اڄ بنپهرن جو 01:38 منٽن تي احمد آباد ايئرپورٽ کان رواني ٿي پر ڪجهه منٽن بعد ئي رهائشي علائقي(ميگهائي نگر) تي ڪري تباهه ٿي وئي. حادثي وقت بوئنگ 787 ڊريملائنز جهاز ۾ 232 مسافر ۽ 12 عملي جا ماڻهو سوار هئا جن ۾ 2 معصوم کير پياڪ ٻار به شامل هئا. ڊي جي سي اي تصديق ڪئي آهي ته جهاز اڏام جي فورن بعد(مي ڊي ڪال) ڏيڻ کان پوءِ ايئرپورٽ جي احاطي کان ٻاهر ڪري تباهه ٿيو. جهاز ۾ باهه لڳي وئي ۽ دونهون پري پري تائين ڏٺو ويو. جهاز ۾ گجرات جي اڳوڻي وڏي وزير وجي روپاني به سوار هو، انهي جهاز ۾ 52 برطانوي شهرين کان علاوه هڪ ڪينيڊين شهري به سوار هو. شروعاتي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪ آف جي دوران جهاز هڪ وڻ ۾ ڦاسي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اهو حادثو پيش آيو، جهاز ۾ ٽيڪنيڪي خرابي پيدا ٿيڻ جون به رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن. ايئر انڊيا جو بدنصيب جهاز شهر جي هڪ وڏي آبادي واري علائقي ۾ ڪريو آهي، اهو علائقو ايئرپورٽ سان مليل آهي. شاهي باغ ايريا ۽ نروڙا جي وچ تي واقع هڪ اپارٽمينٽ بلاڪ پريه بلاڪ آءِ جي بي ڪمپائونٽ ۾ واقع آهي. جهاز جو اڳيون حصو ڪجهه فليٽن جي وچ ۾ ڦاسي پيو. جهاز جي 232 مسافرن ۾ 8 ڊاڪٽر به شامل هئا، جتي اهو جهاز ڪريو اتي آبادي تمام گهڻي وڌيڪ آهي انهي لاءِ ماڻهو وڏي انگ ۾ حادثي واري جڳهه تي جمع ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ امدادي ڪاروائين ۾ سخت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. انتظاميه طرفان شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته حادثي واري جڳهه کان پري رهو ته جيئن امدادي ڪارروائي جاري رکي وڃي ۽ طبي امداد پهچائي سگهجي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو