41

18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي دڪاندارن سولر پينلز جون قيمتون وڌائي ڇڏيون

حڪومت طرفان سولر پينلز جي درآمد تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ بجيٽ جي منظوري کان اڳ ئي دڪاندارن سولر پينلز جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن. رپورٽ موجب حڪومت طرفان سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو، انهي جي لاءِ بجيٽ جي باقاعده منظوري سال جي اختتام کان اڳ ضروري آهي. صدر جي ريگل چوڪ ۾ موجود واپارين سولر پينلز جي قيمتن ۾ اضافي جو الزام درآمد ڪندڙن تي لڳائي ڇڏيو آهي، هنن جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کان پوءِ قيمتن ۾ اوچتو اضافي سبب ڪيترائي صارفين پريشان نظر آيا، جڏهن ته ڪجهه گراهڪن قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين سبب اڳ ئي خريداري ڪري ورتي آهي. هن ٻڌايو ته ڪيترائي خاندان جيڪي سولر پينلز خريد ڪرڻ آيا هئا، اوچتو قيمتن ۾ اضافي جي اطلاع ملڻ تي واپس موٽي ويا. ريگل چوڪ جي هڪ واپاري ٻڌايو ته 5 ڪلو واٽ جي سولر سيٽ جي قيمت(جنهن ۾ انويٽر، واٽر بيسڊ بيٽري، آئرن فريم، اليڪٽرڪ وائرنگ ۽ انسٽاليشن چارجر شامل آهن) هاڻ 6 کان 7 لک روپين جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته 3 ڪلو واٽ جو سيٽ 4 کان 5 لک روپيه ۽ 6 ڪلو واٽ جو نظام 7 کان 8 لک روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. هڪ واپاري ٻڌايو ته اسان کي مجبورن قيمتون وڌائڻيون پئجي رهيون آهن ڇو ته درآمد ڪندڙن 18 سيڪڙو جي ايس ٽي سبب لاڳت وڌائي ڇڏي آهي اهي قيمتون اسان طرفان ناهن وڌايون ويون. ريگل چوڪ جي هڪ ٻئي واپاري ٻڌايو ته ليٿيٽم بيٽري سان گڏ 5 ڪلو واٽ جو سسٽم هاڻ 7 کان 8.5 لک روپين ۾ دستياب آهي جڏهن ته بجيٽ اچڻ کان اڳ اهوئي سسٽم 7 کان 7.5 لک روپين ۾ ملي رهيو هو. هن چيو ته قيمتون برانڊڊ بيٽري، انويٽر ۽ سولر پينلز سان جڙيل هونديون آهن جيڪي 2 کان 3 سالن جي وارنٽي سان اينديون آهن. ڪيترائي دڪاندار گهٽ معيار جون شيون بنا ڪنهن وارنٽي جي به وڪرو ڪري رهيا آهن. واپارين جو چوڻ هو ته مارڪيٽ ۾ چيني برانڊز تمام گهڻيون آهن ڇو ته مقامي طور تي تيار ڪيل سولر پينلز موجود نه آهن هن امڪان ظاهر ڪيو ته وڌندڙ قيمتون سولر پينلز جي طلب کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو