48

اسرائيل کي حملي جي سخت سزا ڏني ويندي: ايراني سپريم ليڊر جو اعلان

 ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي اسرائيلي حملي جو جواب ڏيندي چيو ته اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي ڪمانڊر ۽ سائنسدان شهيد ٿيا آهن، ۽ اسرائيل کي حملي جي سخت سزا ڏني ويندي. ايراني سپريم ليڊر ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته، “اڄ صبح، صهيونستي رياست پنهنجي بڇڙي ۽ خوني هٿن سان اسان جي سرزمين تي هڪ سنگين جرم ڪيو. دشمن رهائشي علائقن کي نشانو بڻائي پنهنجي فطرت کي اڳ کان وڌيڪ بي نقاب ڪيو.” هن چيو ته اسرائيل ٽن ايراني فوجي هنڌن تي حملو ڪيو ۽ انهن حملن ۾ ڪيترائي اهم ڪمانڊر ۽ سائنسدان شهيد ٿيا سپريم ليڊر چيو ته اسرائيل کي سزا لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ۽ ايران جون هٿياربند فوجون دشمن جي هن حملي جو جواب ڏينديون. ياد رهي ته اسرائيل ايران خلاف باقاعده جنگ شروع ڪئي هئي، هوائي حملن ۾ ايٽمي ۽ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو هو، جنهن ۾ پاسداران انقلاب جو سربراهه ميجر جنرل حسين سلامي ۽ ايٽمي سائنسدان شهيد ٿي ويا هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو