ايران تي اسرائيل جي حملي کانپوءِ هزارين ماڻهو ايراني شهر مشهد ۽ قم ۾ مقدس هنڌن تي گڏ ٿيا، جڏهن ته قم ۾ جمڪران مسجد تي ڳاڙهو جهنڊو لهرايو ويو، جيڪو انتقام جي علامت سمجهيو ويندو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني عوام صيهوني حڪومت خلاف سخت انتقام جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته گهرجي ته گذريل سال اسرائيل طرفان ايران جي شهر تهران ۾ حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه کي ميزائل حملي سان نشانو بڻائڻ کانپوءِ ايران انتقام جي نشاني طور قم مسجد تي ڳاڙهو جهنڊو لهرايو هو.
