ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جنرل حبيب الله سياري کي عارضي طور تي ايراني فوج جو نئون ڪمانڊر مقرر ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سپريم ليڊر جي حڪم تي جنرل احمد واحدي کي پاسدارانِ انقلاب گارڊز جو نئون ڪمانڊر انچيف مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ايران جي هٿياربند جي سربراهه جنرل باقري ۽ پاسدارانِ انقلاب جي سربراهه ميجر جنرل حسين سلامي اڄ صبح اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويا هئا.
