28

”ايٽمي معاهدو ڪريو نه ته ايندڙ حملا وڌيڪ وحشي هوندا“ ٽرمپ جي ايران کي ڌمڪي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ايران کي ڊيل ڪرڻ لاءِ چيو هو پر انهن نه ڪئي، ڊيل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، هو ڊيل جي ويجهو به آيا پر اهو ڊيل نه ٿي سگهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪجهه سخت گير ايراني عملدارن بهادري سان ڳالهايو پر انهن کي خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي، سڀئي سخت گير ايراني هاڻي مري ويا آهن ۽ اڳتي به صورتحال وڌيڪ بدتر ٿيندي. آمريڪي صدر چيو ته ايران کي معاهدو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو موقعو ڏنو ويو، ان کان اڳ جو سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ايران کي معاهدو ڪرڻ گهرجي. ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪندي چيو ته آمريڪا دنيا ۾ سڀ کان خطرناڪ هٿيار ٺاهيندو آهي ۽ اسرائيل وٽ اسان جي هٿيارن جو وڏو ذخيرو آهي ۽ هو اِهي هلائڻ پڻ ڄاڻي ٿو، تنهنڪري وقت آهي ته صورتحال کي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايندڙ حملا وڌيڪ سنگين هوندا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو