40

سينيٽ: ايران تي اسرائيلي حملي خلاف قرارداد منظور

سينيٽ ايران تي اسرائيلي حملي خلاف قرارداد منظور ڪري ورتي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايران تي اسرائيلي حملي خلاف قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسرائيل جا ڪارروايون جنگي ڏوهه آهن ۽ علائقائي امن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، ۽ اسرائيل غزه ۾ ٻارن جو قتل عام ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته اسرائيل ايران خلاف باضابطه جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. اسرائيل جي هوائي حملي ۾ ايٽمي ۽ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ايراني هٿياربند فوجن جو سربراهه ۽ انقلابي گارڊز جو سربراهه، گڏوگڏ ڪيترائي ڪمانڊر ۽ سائنسدان شهيد ٿي ويا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو