46

نئين مالي سال 26-2025ع جي 34 کرب 51 ارب رپين جي سنڌ بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ

سنڌ جي وڏي وزير ۽ ناڻي واري ناڻي سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 2025-26ع لاءِ 34 کرب 51 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن کي 10 کان 12 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏيڻ، پنج سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سنڌي ۾ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته هي هڪ جامع بجيٽ آهي، جيڪا سنڌ جي غير استعمال ٿيل صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته سنڌ سرڪار سماجي بهتري، بنيادي ڍانچي جي جدت ۽ اقتصادي خودمختياري لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 12 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس، جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي لاءِ 10 سيڪڙو الائونس ملندو. ان کانسواءِ پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، معذور ملازمن جي ڪنويئنس الائونس وڌايو پيو وڃي ۽ رهيل پينشن مڪمل ادا ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته شهرين تي بار گهٽائڻ لاءِ پنج ٽيڪس ختم ڪيا پيا وڃن، جن ۾ پروفيشنل ٽيڪس، انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي شامل آهن، جڏهن ته موٽر وهيڪل ٽيڪس ۾ لاٿ ڪئي پئي وڃي ۽ سيلز ٽيڪس کي سولو بڻائڻ لاءِ نيگيٽو لسٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبائي آمدني 34 کرب 11 ارب رپيا متوقع آهي، جيڪا گذريل سال کان 11.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي، وفاقي ورڇ جوڳي پول مان منتقلي، جيڪو ڪُل آمدني جو 75 سيڪڙو آهي، جو ڪاٿو 19 کرب 27 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جيڪو 10.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده ريونيو خرچ 21 کرب 49 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال کان 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن، جڏهن ته مجموعي خرچن ۾ 12.9 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، جيڪي 34 کرب 50 ارب رپين تائين وڃي سگهن ٿا. مراد علي شاهه ٻڌايو ته تعليم لاءِ 523.73 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي 458.2 ارب رپين کان 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن، پرائمري تعليم جي بجيٽ 136.2 ارب مان وڌي 156.2 ارب رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته سيڪنڊري تعليم لاءِ بجيٽ 68.5 ارب مان وڌي 77.2 ارب ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هوته تعليم کاتي 4400 نئين عملي جي ڀرتي، 4 آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج قائم ڪرڻ، 34100 کان وڌيڪ پرائمري اسڪولن کي مخصوص لاڳت جي مرڪزن ۽ بجيٽ سان بااختيار بڻائڻ شامل آهن. هن چيوته مستحق ۽ پٺتي پيل شاگردن جي مدد لاءِ سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ ۾ ٻه ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، معذور ماڻهن جي ترقياتي پروگرام (ڊي اي پي ڊي) جي بجيٽ 11.6 ارب رپين مان وڌائي 17.3 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جيڪا مددگار اوزارن، وظيفن ۽ غير سرڪاري تنظيمن(اين جي اوز) سان ڀائيواري ذريعي وڌيڪ مدد فراهم ڪندي. وڏي وزير چيو ته صحت لاءِ 344 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي 302.2 ارب رپين جي مختص رقم جي ڀيٽ ۾ اٺ سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان رقم مان 146.9 ارب صحت جي يونٽن ۽ ادارن لاءِ امدادي گرانٽس طور تي مختص ڪيا ويا آهن. صحت جي بجيٽ مان ايس آءِ يو ٽي لاءِ 19 ارب رپيا، پي پي ايڇ آءِ لاءِ 16.5رپيا لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين اسپتال لاءِ ڏهه ارب رپيا شامل آهن. هن چيو ته ان کانسواءِ ٻهرارڙي وارن علائقن ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ لاءِ ايمبولينس سروسز ۽ موبائيل تشخيصي يونٽن ۾ واڌ ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته وفاق کان رقم جي منتقلي ۾ امڪاني ڪٽوتي سبب ويهه سيڪڙو لاٿ کانپوءِ ترقياتي پورٽ فوليو ۽ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) لاءِ 520 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اي ڊي پي ۾ ڌيان 475 نئين اسڪيمن تي کتل هوندو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، تجديد جوڳي توانائي، پٺتي پيل ضلعن ۾ ترقي، صاف پاڻي ۽ صفائي جي خدمتن کي ترجيح ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته وڏن شعبن لاءِ مختص بجيٽ مان تعليم لاءِ 99.6 ارب رپيا، صحت لاءِ 45.37 ارب رپيا، آبپاشي لاءِ 73.9 ارب رپيا ۽ مڪاني حڪومت لاءِ 132 ارب رپيا مختص ڪي ويا آهن. وڏي وزير طرفان ڊيجيٽل رجسٽريشن بجيٽ جي نگراني لاءِ ڪي پي آءِ ڊيش بورڊ ۽ بلاڪ چين تي زمين جي رڪارڊ منتقلي لاءِ قدمن جو اعلان ڪيو ويو. وڏي وزير موجب، ٻن لک کان وڌيڪ هارين لاءِ سبسڊي، بيظير هاري ڪارڊ، ڊرپ ايرگيشن تي سبسڊي، ڪلسٽر فارمنگ منصوبا ۽ سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ لاءِ فيزيبليٽي اسٽڊي شامل آهن. وڏي وزيرٰ جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن جو سخت احتجاج ڪيو، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته هي وڏيرا شاهي بجيٽ آهي جنهن ۾ شهري سنڌ کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو