ايران تي حملي کانپوءِ پنهنجي پهرئين بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته هن حملي ۾ ايران جي جوهري پروگرام جي دل کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ اهي حملا تيستائين جاري رهندا جيستائين اسرائيل پنهنجا هدف مڪمل نٿو ڪري. نيتن ياهو وضاحت ڪندي چيو ته اسرائيل طرفان ايراني امڪاني خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ”آپريشن رائزنگ لائين“ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو تيستائين جاري رهندو جيستائين اسان پنهنجا سمورا مقصد حاصل نه ڪري وٺون. اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ويجهڙائي ۾ ايران اهڙا قدم کنيا جيڪي اڳي ڪڏهن به نه کنيا ويا هئا، خاص طور تي ايران طرفان يورينيم کي هٿيارن ۾ تبديل ڪري رهيو هو. نيتن ياهو خبردار ڪندي چيو ته اسرائيل جي بقا کي هاڻ واضح ۽ فوري خطرو آهي ۽ جيڪڏهن ايران کي نه روڪيو ويو ته اُهو گهٽ وقت، شايد هڪ سال يا ان کان به گهٽ، يعني رڳو ڪجهه مهينن اندر ئي جوهري هٿيار ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.
