ڪنڌڪوٽ :اسرائیل پاران ايران تي دھشتگرد حملي خلاف شيعا علماء ڪائونسل ۽ مجلس وحدت المسلمین اڳواڻن مير فائق علي جکراڻي، جميل حيدر ساجدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسہ ارشاد الثقلين کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايران جي مٿان اسرائيل جي دھشتگرد حملي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ايران جي فوجي قيادت،ايٽمي سائنسدانن، ۽ عوام جي شھيد ٿيڻ صدمو پهتو آهي ھن ڏک جي گهڙي ۾ پاڪستاني عوام ايران سان گڏ آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسرائيل آمريڪا جي اشاري تي ايران مٿان حملو ڪري دنيا آڏو پنھنجي دھشت ڦھلائي رھيا آھن امت مسلمہ کي يھودين جي ناپاڪ ارادن کي سڃاڻن کپي ھو مسلمانن جا ڪڏھن به سچا نه ٿيندا. انهيءَ موقعي تي سيد گامڻ شاه، ڊاڪٽر احسان علي شيخ، استاد امداد علي گولو، سيد رحم علي شاه، ظھور مھدي،نويد احمد شيخ، بابر علي ملڪ، صابر حسین ڪربلائي، غلام مرتضي راجا پرويز علي سميت سوين تنظيمي عھديدارن ميمبرن ۽ شھرين پڻ شرڪت ڪئي
