32

اسرائيلي ايئر فورس کي مڪمل آزادي حاصل: تازي حملي دوران 2 جنرلز، 3 ايٽمي سائنسدانن سميت 65 شهري شهيد، وڌيڪ حملن جو اعلان

 اسرائيل پنهنجي ايئرفورس کي ايران تي حملي جي مڪمل آزادي ڏئي ڇڏي آهي، ايران طرفان گذريل رات کان هينئر تائين تقريبن 200 بيلسٽڪ ميزائل اسرائيل تي فائر ڪرڻ کان پوءِ اسرائيلي حڪومت ڪارروائي جي لاءِ فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، تازي اسرائيلي حملي ۾ وڌيڪ 2 جنرلن، 3 ايٽمي سائنسدانن، 20 ٻارن سميت 65 ايراني شهري شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج(آءِ ڊي ايف) دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ايران جي اصفهاني نيو ڪليئر سائيٽ تي حملو ڪري اهم ٺڪاڻن ۽ ليبارٽري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي وڌيڪ 2 جنرل به مارجي ويا آهن. آءِ ڊي ايف موجب اصفهان ۾ سرگرميون واضح طور تي ظاهر ڪن ٿيون ته ايران هٿيارن جي لاءِ يورينيم تيار ڪري رهيو هو. تهران جي رستي کي صاف ڪيو ويو آهي هاڻ اسرائيلي فضائيه تهران جي فضائن ۾ آزاد ڪارروايون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اسرائيل چيو آهي ته هو ايراني ايٽمي سائنسدانن، فوجي اختيارين ۽ ميزائل لانچنگ سسٽم کي به نشانو بنائي رهيو آهي اهي ڪارروايون  هاڻ جاري رکيون وينديون. اسرائيلي دفاع واري وزير ايران جي سپريم لينڊر کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل تي ميزائيل حملا جاري رهيا ته تهران سڙي خاڪ ٿي ويندو. هن آءِ ڊي ايف جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ايال زامير، موساد جي ڊائريڪٽر ڊيوڊ برنيع ۽ ٻين اعليٰ فوجي اختيارين سان هڪ جائزه اجلاس جي دوران چيو ته ايراني آمر ايران جي شهرين کي يرغمال بنائي رهيو آهي ۽ هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي جنهن ۾ خاص طور تي تهران جي رهواسين کي اسرائيلي شهرين تي حملن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خامنائي اسرائيلي شهري علائقن تي ميزائل فائر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ته تهران سڙي ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو