41

ايران، اسرائيل جنگ سبب سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ايران ۽ اسرائيل جي جنگ سبب سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 3 لک 63 هزار رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت 1206 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 11 هزار 213 رپيا ٿي وئي آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر واڌ سان 3432 ڊالر في اونس آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو