51

ايران اسرائيل ڇڪتاڻ: 6 ملڪن جون فضائي حدون بند ٿيڻ سان ڀارت وڌيڪ پريشانين ۾ ڦاسي پيو

 ايران تي اسرائيلي حملي کان پوءِ جوابي ڪارروائي سبب 6 ملڪن جون فضائي حدون لاڳيتو بند آهن جنهن جي ڪري پاڪستان جو فلائٽ آپريشن وڌيڪ متاثر نه ٿيو آهي پر ڀارت جي هوابازي واري صنعت کي سخت نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايوي ايشن جي ذريعن موجب حملي جي دوران ڀارت جي 30 اڏامن جو رخ موڙڻو پوندو، درجنين اڏامون به ملتوي ڪيون ويون. گذريل ڏينهن اسرائيلي حملن کان پوءِ ايران جون فضائي حدون هر قسم جي اڏامن لاءِ بند ڪيو ويو جڏهن ته عراق به پنهنجون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون. جمعي جي صبح اردن طرفان به فضائي حدون بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، شام ۽ لبنان کان پوءِ اسرائيل به جوابي ڪارروائي جي امڪان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي فضائي حدن کي مڪمل طور تي بند ڪري رکيو آهي. ايران تي حملي وقت ڀارت جون دهلي طرف 2 اڏامون ايران ۾ ڦاسي ويون هيون پر مختصر وقت دوران انهي کي ايران جي فضائي حدن مان واپس ڪيو ويو. واشنگٽن، دهلي، نيويارڪ، ممبئي، نيويارڪ کان دهلي، لنڊن کان دهلي کي ويانا ۾ لاٿو ويو. ٽورنٽو دهلي،. نيويارڪ کان دهلي کي فرينڪفرٽ ۾ لاٿو ويو. وين ڪور کان دهلي، شڪاگو کان دهلي کي جده ۾ لينڊ ڪرايو ويو. لنڊن کان بينگلور کي شارجه جڏهن ته آمريڪا کان برطانيه، ڪينيڊا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جي درجنين اڏامن کي ملتوي ڪرڻو پيو. هاڻ آمريڪا کان ڀارت جون اڏامون ڪينيڊا مان ٿي روس، منگوليا، چين، ميانمار کان ٿيندي بنگلاديش جي روٽ تان منزلن جي طرف پهچي رهيون آهن جده کان 15 ڪلاڪن جي اڏام کي 3 ڪلاڪ وڌيڪ لڳي رهيا آهن. ٻئي طرف ايران اسرائيل ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي نجف کان ڪراچي، باڪو کان لاهور ۽ ڪراچي کان جده لاءِ 7 اڏامن کي ملتوي ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ايئرلائن جي ڪويت کان ڪراچي جون 2 اڏامون 6 ڪلاڪ وڌيڪ دير جو شڪار ٿيون آهن. دبئي کان ڪراچي جون 2 اڏامن جي روانگي  ۾ 2 ڪلاڪ، ڪراچي کان استنبول ايندڙ ۽ ويندڙ 4 اڏامن جي روانگي ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ، قومي ايئر لائين جي ڪراچي کان مسقط جي اڏامن جي روانگي ۾ 5 ڪلاڪ، شارجه ۽ دبئي کان فيصل آباد ايندڙ ۽ ويندڙ 4 اڏامون 2 ڪلاڪ جڏهن ته شارجه کان سيالڪوٽ ۽ دبئي کان ملتان جون 4 اڏامون هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ دير جو شڪار آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو