ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري ورتي آهي، ايران ڇنڇر جي صبح اسرائيل تي پنجون وڏو ميزائل حملو ڪري ڇڏيو. تازي حملي ۾ درجنين ميزائل فائر ڪيا ويا، ايران طرفان اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۾ ميزائلن جي برسات ڪئي وئي. ايراني حملن جي نتيجي ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 63 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا آهن جڏهن ته اسرائيل جا 2 جديد ترين ايف 35 اسٽيلٿ جنگي جهاز به ڪيرايا ويا. اسرائيلي ميڊيا موجب ڌماڪن جا آواز تل ابيب، يروشلم ۽ گش دان ۾ ٻڌا ويا جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي. تل ابيب ۾ اسرائيلي ايٽمي جاچ مرڪز کي به نشانو بنايو ويو. پاسداران انقلاب موجب آپريشن وعده صادق 3 ۾ اسرائيل ۾ ڪيترن ئي حدفن کي نشانو بنايو ويو آهي، اسرائيل تي 300 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. ايران اسرائيل جا 2 ايف 35 اسٽيلٿ جنگي جهاز به ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي طرف اسرائيلي ميڊيا موجب ايران 200 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن جن مان ڪيترن کي ئي فضا ۾ ناڪاره بنايو ويو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل تل ابيب ۾ مختلف هنڌن تي ڪريا، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيلي دفاع واري وزارت جي عمارت به شامل آهي. جڏهن ته گش دان ۾ به 2 ايراني ميزائل ڪرڻ جي اطلاع آهن حملي جي نتيجي ۾ باهه پڻ لڳي وئي هئي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۾ هن وقت سائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. سائرن وڄندي ئي اسرائيلي شهري فضائي حملن کان بچڻ جي لاءِ زمين اندر ٺهيل بنڪرز طرف ڊوڙيا، شهرين جي رڙين جا آواز به ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. ايران جي پاسداران انقلاب اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۾ ڪيترن ئي حدفن تي جوابي حملا شروع ڪري ڏنا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو بدلو هاڻ شروع ٿيو آهي، اسان جي ڪمانڊرن، سائنسدانن ۽ شهرين جي قتل جو نقصان اسرائيل کي ڀوڳڻو پوندو.هاڻ اسرائيل جو ڪوبه علائفو محفوظ نه رهندو. اسان جو انتقام نهايت تڪليف ڏيندڙ هوندو. ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه ڪلاڪن جي خاموشي کان پوءِ اسرائيل مٿان ٻيهر 100 بيلسٽڪ ميزائلن سان ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ٻئي طرف اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ايران طرفان فائر ڪيل ڊرونز ۽ ميزائلن کي ٻيهر فضا ۾ ناڪام بنائي ڇڏيو آهي. اسرائيل جي ريسڪيو اداري گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
