51

ايران ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ايراني زائرين اسان جا مهمان آهن، سهولتون ڏنيون وڃن: شاهه سلمان جو حڪم

 اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جاري جنگ دوران سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو بيان سامهون اچي ويو آهي. خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان هدايت جاري ڪئي آهي ته سعودي عرب ۾ ايراني زائرين جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي، حج ۽ عمري واري وزارت ايراني زائرين کي سهولتون ڏئي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو ته ايران ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين زائرين اسان جا مهمان آهن. گذريل ڏينهن 16 لک کان وڌيڪ پانڌيئڙن حج جي سعادت حاصل ڪئي جن ۾ هزارين ايراني شهري به شامل آهن. ياد رهي ته اسرائيل جمعي جي صبح ايران ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي فضائي حملا ڪيا جن ۾ فوجي قيادت جي رهائشگھاهن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو اسرائيلي حملن ۾ 6 سائنسدانن سميت 78 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا. هوڏانهن ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪري ايران به اسرائيل جي خلاف انتقامي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو