راڻيپور ڀرسان ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي ۾ شاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو فائرنگ گوليون لڳڻ سبب نوجوان راحيل شاھاڻي، غفور شاھاڻي مارجي ويا جن کي مقامي ماڻھن رورل ھيلٿ سينٽر آندو، جتي حد جي پوليس پھچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي ۾ پھچي ڳوٺ ۾ پڪٽ قائم ڪري ڇڏي راڻيپور پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد قيصر خان شاھاڻي روانا ڪيا، جڏهن ته علائقي ۾ خوف حراس پکڙيل آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.
