پاڪستاني پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، ڪشمير مسئلي ۽ دهشتگردي جو ڪوبه فوجي حل نه آهي، سفارتڪاري ۽ ڳالهيون ئي مسئلي جو حل آهن. برسلز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي تي شفاف جاچ جي آڇ ڪئي، ڀارت پاڪستان جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، امن جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيو آهيان، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، جنگ ڪنهن به مسئلي حل نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جامع ڳالهين تي يقين رکي ٿو، ڀارت ڳالهين کان انڪاري آهي، ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو حل ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي آهي، جڏهن ته ڀارت پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي پاڪستان کي چڙ ڏياري رهيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان ڳالهين جي ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو پر ڀارت هر ڀيري ڳالهين کان ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪندو آهي. ڳالهيون نه ٿينديون ته ڇڪتاڻ ۾ روزاني اضافو ٿيندو رهندو. بلاول ڀٽو ٻڌايو ته ايٽمي طاقتون هجڻ باوجود پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ تيزي سان وڌي، سلامتي ڪونسل ۾ ڪشمير تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، پاڪستان چيو هو ته ڪنهن به شفاف جاچ جو حصو بنجڻ جي لاءِ تيار آهيون، پاڪ ڀارت جنگ ختم ٿي وئي پر امن واپس نه موٽيو آهي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي ايران تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، اسان ٽئين عالمي جنگ برداشت نٿا ڪري سگهون.
