خبر موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ خوشحال خان ايڪسپريس ريل ريلوي اسٽيشن تي پھچڻ کان ڪجھ قدم پھريان ريلوي ٽريڪ کان ريل گاڏي ھيٺ لھي پئي ريل جون پنج بوگيون ھيٺ لھڻ دوران مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون خوف و حراس پکڙجي ويو ريل اسٽيشن ويجھو ھجڻ ڪري اسپيڊ گھٽ ھجڻ ڪري ڪنهن به قسم جو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ڇھ ڪلاڪ تائين ريل گاڏي بيٺل رھي مسافر سخت پريشان ٿيا ريلوي انتظاميا ۽ ضلع انتظاميا متاثر ريل جي مسافرن جي سھولت لاء ڪنهن به قسم جا اپاء نه ڪيا ڇھ ڪلاڪن بعد ريلوي انتظاميا ٽريڪ کان لٿل پنج بوگين کي ڪٽي باقي ريل کي منزل طرف سمورن مسافرن کي ٻين بوگين ۾ سوار ڪري روانو ڪري ڇڏيو ريلوي ٽريڪ تي پنج بوگيون ھيٺ ڪريل ھجڻ ڪري ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿي سگهي جڏھن ته ڪجھ ڏينهن اڳ انھي روٽ کان خوشحال خان ايڪسپريس ريل بحال ٿي ھئي
