ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ آمريڪا سڌو سنئون شريڪ آهي انهي جا سنگين نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته اسرائيل ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائي ريڊ لائين ڪراس ڪرائي آهي. عباس عراقي الزام لڳايو ته آمريڪا جي راضپي کان سواءِ اسرائيلي حملو ممڪن ئي نه هو، حملي ۾ آمريڪي مداخلت جون پڪيون شاهديون موجود آهن. حالانڪه آمريڪا هڪ خط ذريعي حملي کان لاتعلقي جي دعويٰ ڪئي آهي. هن چيو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملا خليج فارس ۾ جنگ جو دائرو وسيع ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن ايران کي مجبور ڪيو ويو ته جنگ کي ٻين ملڪن تائين وڌائڻ تي به غور ڪري سگهجي ٿو. ايراني پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته ايران ڪنهن به اهڙي معاهدي جو حصو نه بڻجندو جيڪو کيس ايٽمي توانائي جي حق کان روڪي، 60 سيڪڙو وڌيڪ يورينيم تيار ڪرڻ جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته اسرائيل ڄاڻي واڻي هڪ ايراني شخصيت کي شهيد ڪري ايٽمي ڳالهين کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اهي اسرائيل جي جارحيت جو نوٽيس وٺن ڇو ته اهڙن حملن جو مقصد صرف ايران کي ڪمزور ڪرڻ نه پر خطي ۾ مڪمل جنگ کي باهه ڏيڻ جي برابر آهي.
