11

ڊيره بگٽي: سوئي ۾ پوليس گاڏي تي دستي بم حملو، 2 اهلڪار شهيد

 بلوچستان جي ضلعي ڊيره بگٽي جي علائقي سوئي ۾ پوليس گاڏي تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس اختيارين موجب ڊيره بگٽي جي علائقي سوئي جي طوطا ڪالوني ۾ نامعلوم ماڻهن گشت تي مقرر پوليس موبائل تي دستي بم اڇليو جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس موبائيل ۾ سوار 2 اهلڪار نصرالدين ۽ رحيم علي شهيد جڏهن ته هڪ اهلڪار سب انسپيڪٽر انور زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ سوئي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو