اسٽيٽ بينڪ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. مرڪزي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب مانيٽري پاليسي جي تحت وياج جي شرح کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي. پاليسي ڪميٽي موجب مئي 2024 ۾ افراط زر اميدن موجب 3.5 سيڪڙو رهي جڏهن ته مهانگائي ۾ معمولي گهٽتائي ٿي. اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته مهانگائي اڳيان هلي ايندڙ مالي سال جي دوران مستحڪم ٿي ويندي. پڌرائي موجب اقتصادي مٽاسٽا وڌي رهي آهي، اڳڪٿي آهي ته اها ايندڙ سال وڌيڪ وڌندي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واپاري خساري ۾ مستقل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ مالي رقم جي پهچ ڪمزور آهي پر ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ڪجهه قدمن سان درآمدات وڌي هن خساري ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهي ٿي. اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته انهي حوالي سان مانيٽري پاليسي ڪميٽي اڄوڪي فيصلي کي ميڪرو اڪنام استحڪام ۽ قيمتن جي استحڪام کي پائيدار رکڻ لاءِ بهتر قرار ڏنو.
