ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ سبب سموري خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ به مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. تازي ڇڪتاڻ جي دوران پاڪستان جو فلائٽ آپريشن مسلسل متاثر ٿي رهيو آهي. ايوي ايشن اختيارين موجب پاڪستان کان ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن ويندڙ فلائٽس ملتوي ۽ دير جو شڪار آهن. رپورٽ موجب ڪراچي کان جده، مشهد، بغداد ۽ تهران روانو ٿيل 9 اڏامن سميت گڏيل طور تي 16 اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. ايراني فضائي حدن جي بندش سبب اسلام آباد کان نجف ويندڙ پرڏيهي ايئر لائن جون 2 اڏامون به ملتوي ٿي ويون.اختيارين موجب جده، دبئي، بحرين ۽ راس الخيمه کان اسلام آباد جون اڏامون به هڪ کان 5 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن. ياد رهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي انهي وقت شروع ٿي جڏهن اسرائيل 12 جون تي ايران جي ڪيترن ئي هنڌن تي حملا ڪري پاسداران انقلاب جي سربراهه آرمي چيف ۽ 6 ايٽمي سائنسدانن کان علاوه 5 شهرين کي شهيد ۽ ڪيترن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو.
