ايران صبح جو سوير اسرائيل تي ٻيو وڏو حملو ڪندي درجنين بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جون ڪيتريون ئي گهڻ ماڙ عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون. جڏهن ته حملي دوران 8 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. تازي حملي ۾ حيفه پاور پلانٽ کي نشانو بنايو ويو جنهن ۾ ايراني ميزائل حملن جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي. آچر جي ڏينهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري تازين چڪرين ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي تي راڪيٽ فائر ڪيا، تهران ۾ ٿيل ڪار بم ڌماڪي ۾ وڌيڪ پنج ايٽمي سائنسدان مارجي ويا جڏهن ته اسرائيل پاسداران انقلاب جي انٽيليجنس چيف ۽ ڊپٽي کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايراني ميڊيا اسرائيلي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي انٽيليجنس چيف جنرل محمد ڪاظمي ۽ نائب حسن محقق جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. عالمي ميڊيا موجب ايران هڪ ڏينهن ۾ ٻيون ڀيرو اسرائيل تي درجنين بيلسٽڪ ميزال فائر ڪيا، ايراني ميڊيا موجب ميزائلن جي حملي کان پوءِ تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ سائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو آهي. تل ابيب ۾ ڌماڪن کان پوءِ دونهون ڇائنجي ويو. ميزائل حملن ۾ اسرائيلي ايٽمي ٺڪاڻن ڊيمونا کي به نشانو بنايو ويو. والاريل شهر حيفه، تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، تل ابيب ۾ دونهين جا ڪڪر ڇائنجي ويا. ميزائل حملن ۾ اسرائيلي ايٽمي ٺڪاڻي ڊيمونا کي به نشانو بنايو ويو. والاريل شهر حيفه، تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ به خوف حراس پکڙجي ويو. تل ابيب ۾ دونهين جا ڪڪر ڇائنجي ويا. حملي ۾ اسرائيل جي گهڻ ماڙ عمارتون به تباهه ٿي ويون. ٻئي طرف اسرائيل ايراني حلملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي اترين حصي ۾ ايران جا جنگي جهاز ڏٺا ويا آهن. جڏهن ته ايراني راڄڌاني تهران ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
