51

ايران ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جو قافلو تهران مان روانو

 ايران ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جو قافلو تهران کان روانو ٿي ويو آهي. اسرائيل ۽ ايران جي جنگ سبب ڪيترائي پاڪستاني ايران ۾ ڦاسي ويا پر هاڻ انهن پاڪستاني شاگردن کي کڻي 6 بسون تفتان بارڊر لاءِ روانيون ٿي ويون آهن. سفارتي ذريعن موجب تفتان بارڊر تي اڄ شام 5 وڳي کان پوءِ به راهداري ملندي. آچر واري ڏينهن 180 پاڪستانين بارڊر ڪراس ڪيو. واپس ايندڙن ۾ 168 زائرين، 12 واپاري شامل آهن. ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيبو چيو آهي ته اهو سرڪاري ملاقاتن جي لاءِ پاڪستان ۾ آهي، ايران ۾ پاڪستاني سفارتخانو پاڪستانين کي هر ممڪن سهوليت ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. مدثر ٽيپو تهران ۾ سفارتخاني، مشهد ۽ زاهدان ۾ قونصل خاني ۽ پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ قائم يونٽ جو نمبر ۽ اي ميل به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ايران کان متصل پنجگور جا ٻئي ڪراسنگ پوائنٽ اڻڄاتل مدي جي لاءِ بند ڪيا ويا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فضائي رستو به بند آهي. اسرائيلي حملن کي نظر ۾ رکندي گهرو وزارت شهرين کي ايران جو سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو