اسرائيلي حملي ۾ پاسداران انقلاب جو اعليٰ آفيسر شهيد ٿي ويو. اسرائيلي فوج ايران جي اوڀر ۾ ميزائل ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايراني پاسداران انقلاب موجب آچر تي تهران تي اسرائيل جي حملن جي نتيجي ۾ انٽيليجنس چيف جنرل محمد ڪاظمي ۽ سندس نائب جنرل حسن محقق شهيد ٿي ويا. انهي کان علاوه جنرل محسن باقري به اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي. ياد رهي ته جنرل ڪاظمي کي 2022 ۾ ايراني سپاهه پاسداران جو انٽيليجنس چيف مقرر ڪيو ويو هو. ايراني اختيارين اهڙين شهادتن جي مذمت ڪندي انهي کي ايران جي سلامتي ۽ خودمختاري تي حملو قرار ڏنو آهي. پاسداران انقلاب جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حڪومت جا حمايتي اهو سمجهي وٺن ته اسرائيل جي خلاف موثر ۽ حدف ٿيل ڪارروايون انهي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون.
