31

صوبي سان ڪالونين جهڙو سلوڪ: بجيٽ معاملي تي سنڌ ۽ وفاق آمهون سامهون

بجيٽ جي معاملي تي سنڌ ۽ وفاق آمهون سامهون اچي ويا آهن. صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته سنڌ سان وفاق طرفان ڪالوني جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سينٽ جي پلاننگ اينڊ ڊوالپمينٽ ڪميٽي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن سينيٽر قرت العين مري جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي پي ڊبليو ڊي جا پراجيڪٽس سنڌ کي نه ڏيڻ تي احتجاج ۽ وفاقي وزير احسن اقبال جو بيان رد ڪري ڇڏيو. چيئرپرسن قرت العين مري چيو ته سنڌ سان وفاق طرفان ڪالوني جهڙو سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي؟ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پي ڊبليو ڊي جي پراجيڪٽس بابت پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. فيصلو ٿيو هو ته پي ڊبليو ڊي جا پراجيڪٽس سنڌ کي ڏنا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اين اي سي ۾ به ساڳيو فيصلو ٿيو هو. چيو ويو هو ته پي ڊبليو ڊي جا سمورا پراجيڪٽس صوبي کي ڏنا ويندا. هاڻ ٻين صوبن کي پراجيڪٽس ڏنا پيا وڃن پر صرف سنڌ کي اهي پراجيڪٽس نه پيا ڏنا وڃن.  اسان کي وفاق جي اهڙي قدم تي ڳڻتي آهي. سنڌ کي ان فيئرلي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي. قرت العين مري چيو ته سنڌ سان اهڙي طرح جو سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي. سنڌ کي وفاق جي ڪالوني جي طور تي ڇو ٽريٽ ڪيو پيو وڃي؟  سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته واعدو ڪيو ويو هو ته اسان جو حق اسان کي ڏنو ويندو. ڪميٽي چيو ته سمورن صوبن کي هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ۽ سمورا پراجيڪٽس صوبن کي ڏنا وڃن.  سمورن صوبن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. لاڳاپيل وزير جو بيان قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي. ڪميٽي سيڪريٽري  پلاننگ اينڊ ڊوالپمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته اسان جا خدشا وفاقي وزير تائين پهچايا وڃن. ڪميٽي ٻين صوبن جيان سنڌ کي به پي ڊبليو ڊي جا پراجيڪٽس ڏيڻ جي سفارش ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو