لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ايس ايس پي چونڪ ڀرسان فارنزڪ ليبارٽري وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شڪارپور واسي جيڪب آباد ضلعي جي ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو آهي. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو فارنزڪ ليبارٽري ۾ پراپرٽي جمع ڪرائڻ لاءِ آيو جتي فارنزڪ ليباريٽري ٻاهران موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري کيس گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، وڌيڪ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
