35

واپارين کي گرفتار ڪرڻ واري تجويز جو نوٽيس: وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم فيصلو

 وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ ۾ ايف بي آر طرفان ٽيڪس فراڊ ڪندڙ واپارين کي گرفتار ڪرڻ واري تجويز جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي وارو وزيرمحمد اورنگزيب،  چيئرمين ايف بي آر کان علاوه قانون وارو وزير به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ فنانس بل ۾ ٽيڪس فراڊ ڪندڙ واپارين جي گرفتاري ۽ 10 سالن تائين قيد رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. رپورٽن موجب پاڪستان بزنس ڪونسل وزيراعظم کي باقاعده خط لکي ايف بي آر جي اختيارن تي نظر ثاني جو مطالبو ڪيو ڪيو هو. ياد رهي ته واپاري تنظيمن ۽ بزنس ڪميونٽي اهڙن اختيارن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل فنانس بل ۾ شامل اهڙين شقن تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو